کپرو (ن پ ا) کپرو ويجهو ڳوٺ فيض محمد هنڱورجو جي گورمينٽ بوائز ۽ سڪنڊري اسڪول ۾  انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ثقافتي ڏيهاڙو ملهايو ويو، اسڪول جي هيڊ ماستر محمد جمن ڪنڀر پاران رکايل پروگرام ۾ ميونسپل چيئرمين امتياز حسن درس،  محمد هاشم ڪٻر، پيربخش راڄڙ، استاد لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، اسڪول جي ٻارڙن مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ مختلف ڪلام جي دنن تي رقص ڪيو، انهي موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي استادن چيو ته  علي قاضي  بهترين سلوگن انتها پسندي کان آجي  سنڌ ڏيئي  اسان ۾ سڄاڳي پيدا ڪئي، سنڌ  جا ماڻھو پنهنجي ڌرتي سان ۽ ان جي ثقافت، ٻولي، رهڻي ڪهڻي سان محبت ڪن ٿا.