کپرو(ن پ ا) کپرو لڳ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامهون ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، ٻيو سخت زخمي، خبر موجب ميرپورخاص روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 35 سالا فيصل شاهه ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته دلشاد مگسي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي کپرو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي ۽ فوتي جو لاش کپرو جي سرڪاري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.