کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ قادر بخش شر ۾ رڪشا ڊرائيور 3 ٻارن جي پيءُ 35 سالن جي ڪرمون عرف  نارو ڪولهي گهرن اڳيان ٻٻر جي وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کپرو اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان  جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت ڪافي عرصي کان بيروز گار هجڻ سبب سخت پريشان هو.