کپرو ( رپورٽ: اسد شاهه) کپري لڳ ڳوٺ حزب ﷲ بوزدار ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب پندرھن پورهيتن جا گھر سڙي ويا باھ لڳڻ سبب 10 ٻڪريون، ھڪ رڪشو، 3 موٽر سائيڪل سڙي ويا، کپرو شھر جي سيھونجي روڊ ڀرسان واقع ڳوٺ حزب ﷲ بوزدار ۽ ملوڪ بوزدار ۾ اوچتو چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳي وئي. باھ لڳڻ سبب چمپو، خميسو، بھرام، ڀائيخان، ڏيارام، عائيو، گمانو ڀيل سميت پندرھن گھر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا. باه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سامان، کٽون، بسترا، اناج، نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو. اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو باھ واري جڳھ تي نه پھتو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي ورتو. باھ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن،