کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ 4 ٻارن جي ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو، وڻ مان ٽنگيل لاش ھٿ، خبر موجب ڳوٺ ڏوڏهار سمان ۾ 4 ٻارن جي ماءُ ملوڪان زال سونھارو سمون جو ڳوٺ ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع تي کپرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سرڪاري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن موجب گھرو اڻبڻت تان عورت خودڪشي ڪئي آھي، پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو خودڪشي جو لڳي رھيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.