کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ پرڻيل ناري ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب کاھي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٿوڻ م شادي شدهه ناري مسمات حسينا زال وزير چانيھون گھر اندر ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، کاھي پوليس ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي پھتاسين پر اسان جي پھچڻ کان اڳ ناري جو لاش وارثن دفنائي ڇڏيو ھو، ناري جي وارثن کان بيان رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ ھنن ڄاڻايو ته ناري جو دماغي توازن صحيح نه ھو ۽ اسان ڪا به ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاھيون.