کپرو(ن پ ا) کپرو لڳ کاھي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الھبچايو پلي ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب اچتو باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب ڪولھي برادري جي 25 پورهيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا، باھ لڳڻ سبب گومون، ڀڳوانو، روپو، ڪيول، الجي، نانجي، ساجن، اکيو، ويرچند، وينجھو، گلاب، پارو، ناگجي، ڪيشو، ڀگوانداس، جيترام، گينو، واستو، کيمچند، چيتن، مانسگھ، پھلاج ڪولھي سميت 25 پورهيتن جا گھر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا، باھ سبب گھرن ۾ پيل سامان، اناج، ڏاج سميت سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، باھ لڳڻ سبب ھڪ مينھن ڪيتريون ئي ٻڪريون سڙي مري ويون، تيز ھوا سبب وقت سر باھ تي ضابطو نه اچي سگھيو جنھن سبب وڏو نقصان ٿي ويو، اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو باھ واري هنڌ نه پھتو، باھ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، متاثرن ڊي سي سانگھڙ سميت وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.