کپرو(رپورٽ: اسد شاھه) کپرو تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ڍليار، کاهي، ڀٽ ڀائٽي، لوڻ کاڻ، هٿونگو، غزين آباد جي علائقن ۾ چيٽ جي فصل ٽماٽي جو اچانڪ اگهه ڪرڻ سبب آبادگار سخت مايوسي جو شڪار ۽ قرضي ٿي ويا آھن، ٽماٽي جو اگھه ايترو ته ڪري پيو آھي جو خريد فروخت جي ٿيلهينجا پئسا به آبادگارن کي ناهن ملي رهيا، جڏهن ته مناسب اگهه نه ملڻ ڪري کپرو تعلقي جي ڪيترن ئي آبادگارن سوين ايڪڙن تي پوکيل تيار ٿيل ٽماٽرن جي فصل کي ڀيلائي کيڙي ڪرائي ڇڏيو آھي. جڏهن ته پنهنجي اخبار پاران سروي ڪرڻ دوران آبادگارن جو في ايڪڙ تي هڪ لک رپين کان به وڌيڪ ٽماٽي جي فصل تي خرچ ڪيو وڃي ٿو جن جو اچانڪ اگهه ڪرڻ سبب ڪيترائي آبادگار قرضي ٿي وڃڻ سبب سخت مايوسي کي منهن ڏئي رهيا آھن،کپرو تعلقي جي آبادگارن حاجي رشيد ھنڱورو، محمد يوسف شر، ذاڪر شر سروي دوران ٻڌايو ته ڪڻڪ سميت چيٽ جي ٻين فصلن جو هر سال اگهه گهٽ هجڻ ڪري ٽماٽي جو فصل پوکيوسين ان جو به اگهه ڪرڻ سبب قرضي ٿي ويا آھيون هنن چيو ته ٽماٽي جو ايترو ته اگهه ڪيرايو ويو آھي جو جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ خريد ڪيل ٿيلهين جا به پئسا نٿا ٺھن هنن وڌيڪ چيو ته اسان پاران خريد ڪيل ٻج، ڀاڻ، کيڙي ۽ ذرعي دوائن جو ته اگهه هر آئي ڏينهن وڌايو ٿو وڃي پر اسان جي فصل جا اگهه هٿ سان ڪيرائي اسان کي قرضي بڻايو پيو وڃي، ھنن وس وارن کان ٽماٽي جو مناسب اگهه ڏيڻ جي اپيل ڪئي آھي.
ٽماٽي جو اگهه گھٽجڻ ڪري، سبزي کپائيندڙن کي به وڏو نقصان
کپرو: ٽماٽي جو اگهه گھٽجڻ ڪري جتي آبادگار سخت پريشان آهن اتي سروي دوران ٽماٽا کپائيندڙ ريڙھي گاڏي وارن موجب ته اسان کي به وڏو نقصان آهي ڇاڪاڻ ٽماٽر سستو ٿيڻ ڪري گيراڪ ھڪ ئي دفعو وٺي وڃي ٿو، وري جلد نٿو اچي تنهن ڪري پئسن جي روليشن نٿي ٿئي ۽ ٻيو ته ٽماٽر سستو ھئڻ ڪري ٿيلھي جو خرچ ۽ مرچ ڌاڻن جو الڳ ٿئي ٿو، جڏھن ته سروي دوران عام مزدور ماڻهن ٻڌايو ته جتي آبادگارن کي نقصان آهي اتي غريب پورهيت ماڻهو شام جو 20 رپئي جا ٽماٽر خريد ڪري ڀاڄي ٺاھي سڪون سان زندگي گذاري ٿو.
|
ٽماٽو سياري۾ تمام گهڻو مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اچي ٿو
کپرو: ٽماٽي جي جنسن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا ڪي جنسون سياري ۽ ڪي انهاري ۾ پوکيون وينديون آھن، ٽماٽر سردين ۾ تمام گهڻو مارڪيٽ ۾ وڪرو لاءِ اچن ٿا، گرمين ۾ ٽماٽر ڳري ويندا آھن ۽ مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي ويندا آھن. تفصيل موجب ٽماٽرن جون ڪيتريون ئي جنسون پوکيون وينديون آھن جن ۾ 1162 ۽ 6242 جنس کي سياري ۽ ڪن جنسن کي انهاري ۾ پوکيو ويندو آھي ٽماٽر سردين ۾ تمام گهڻو لهن ٿا ۽ سستا به ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته گرمين ۾ ٽماٽر ڳري وڃن ٿا جن کي واپارين پاران ايسي ۾ رکي محفوظ ڪري ڳري اگهه ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويندو آھي.
ٽماٽي جون ڪيتريون ئي جنسون، 1166 ۽6242 وڌيڪ پسند
کپرو: آبادگارن پاران ٽماٽي جي پوکائي کان اڳ ان جي ٻج کي نرم ٻني ۾ ننڍيون ٻاريون ٺاهي پوکيو ويندو آھي، جيڪو ٻيجارو 40 ڏينهن ۾ تيار ٿيڻ بعد ان کي اتان پٽي کان پٽي ٻي هنڌ پوکيو يعني رونبو ڪيو ويندو آھي پوکائي بعد ٽماٽي جو فصل هارين پاران سخت محنت بعد ٽن مهينن تائين تيار ٿئي ٿو، ٽماٽي جي فصل جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جن ۾ (1166) يارھن ڇاھٺ ۽ (6242) ٻاھٺ ٻائيتاليھه کي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آھي، آبادگارن موجب کپرو تعلقي جي علائقي ۾ 6242 جنس وڌيڪ پسند ڪئي وڃي ٿي ايوريج به سڀ کان وڌيڪ آھي 6242 جنس نائين مھني جي پندرھين تاريخ کان پوکائي ڪئي ويندي آهي، اڌ پڪل ٽماٽي کي هارين پاران پٽائي ڪري 11 ڪلو جي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ڀري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ آندو ويندو آھي.