کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ صحافي تنظيم پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سانگهڙ ۽ کپرو پاران علائقي واسين جي تفريح لاءِ 4 ڏينهن لاءِ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا مقابلا ڪرائڻ لاءِ کپرو واھ موڙ تي ملاکڙو منقد ڪيو ويو آھي، جڏهن ته اڄ پهرين ڏينهن پهرين، ٻي ۽ 3 جوڙ جي پهلوانن صادق علي شاھ، جنگي بگٽي، جان محمد منڱريو، ارباب خاصخيلي، پرويز ڌماڪا ۽ ٻين مخالف ملهه پهلوانن کي اڳيون ۽ پويون ملهون دسي ٻاهين ۾ واه واه ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته ملھ جا مقابلا ڏسڻ لاءِ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ پهچي ميدان ماريندڙ ملھ پهلوانن تي نوٽ گهور ڪيا جڏهن ته ملھ جا دلچسپ مقابلا 4 ڏينهن جاري رهندا.