کپرو ۾ سماجي تنظيم روضي ڌڻي آرگنائزيشن جي آفيس سيل، عورت اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد

0
25
کپرو ۾ سماجي تنظيم روضي ڌڻي آرگنائزيشن جي آفيس سيل، عورت اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
کپرو ۾ سماجي تنظيم روضي ڌڻي آرگنائزيشن جي آفيس سيل، عورت اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد

کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ اي سي پوليس سان گڏجي سماجي تنظيم جي آفيس غير قانوني ڄاڻائي سيل ڪري ڇڏي، عورت سماجي اڳواڻ گرفتار، عدالتي ڇاپي بعد آزاد، ايس ايچ او رڪارڊ سميت طلب، رپورٽ موجب کپرو ۾ ھڪ سماجي تنظيم روزي ڌڻي آرگنائزيشن جي آفيس کي اسسٽنٽ ڪمشنر نبي بخش سولنگي پوليس سان گڏجي سيل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته پوليس مبينا طور عورت سماجي اڳواڻ مشعل مسعود کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو، اھڙي خبر پوڻ تي سماجي اڳواڻ کپرو بار جا وڪيل ٿاڻي تي پھتا ۽ عورت کي آزاد ڪرڻ جي گھر ڪئي، بعد ۾ وڪيلن جي درخواست تي ريڊ ڪمشنر ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي عورت کي آزاد ڪرايو ۽ ايس ايچ او کي اڄ ڇنڇر ڏينھن رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، کپرو پوليس موجب اسان عورت کي گرفتار نه ڪيو ھو اھا پاڻ ٿاڻي تي آئي ھئي، رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته ڄاڻايل سماجي تنظيم ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ جي اين او سي بنا ڪم ڪري رھي ھئي، جنھن ڪري ڪم کان روڪڻ لاءِ آفيس کي سيل ڪيو ويو آھي، سماجي تنظيم جي چيئرمين محمد اقبال راڄڙ ٻڌايو ته سيل ڪيل عمارت ۾ آفيس نه پر رھائشي عمارت آھي، جتي اسان جي تنظيم کي فنڊ ڏيندڙ عورت سماجي اڳواڻ مشعل مسعود رھيل ھئي، جنھن کي بنا سبب جي گھر اندر پوليس بغير ليڊيز اھلڪار جي گھڙي کيس بنا جواز گرفتار ڪيو، اسان جي تنظيم سوشل ويلفيئر کاتي وٽ رجسٽر ٿيل آھي ۽ اسين چيريٽي جو ڪم ڪندا آھيون، عام ماڻھن جي مالي سھڪار سان علائقي جي مسڪين ماڻھن جي سھائتا ڪريون ٿا.