کپرو (ن پ ا) کپرو ۾ بيواهه عورت ماءُ سان گڏجي ڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺ لوڻ کاڻ واسڻ نور النساءِ سمون دانھيندي چيو 4 سال اڳ منهنجو مڙس چنيسر سمون فوت ٿي ويو هو، مڙس جي زمين ۽ ملڪيت تي ڏيرن پاران قبضو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ملڪيت تي قبضي سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيان، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڏيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.