کپرو (ن پ ا) کپرو ۾ آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ۾ شوٽنگ بال جي 12 ٽيمن حصو ورتو، جنهن جي فائنل مقابلي ۾ بلوچستان جي زيندران ڪلب ۽ خيرپور ميرس قاضي ڪلب ٺرڙي ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلو ٿيو، جنهن دوران بلوچستان جي ٽيم زيندران ڪلب خيرپور ميرس قاضي ڪلب ٺرڙي کي هڪ پوائنٽ تان شڪست ڏيئي ڇڏي، ڪاميابي حاصل ڪندڙ ٽيم ۾ پ پ اڳواڻ وسيم قائم خاني ايس ڊي ايم کپرو ۽ ٻين انعام تقسيم ڪيا.