کپرو (ن پ ا) کپرو جي ٽڪ ٽاڪر امداد شاهه جي مٺي واسڻ زاهده مڱڻھار سان غير اخلاقي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ وارو معامرو، سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد، امداد شاهه جي گهر تي پوليس چڙھائي، سندس ڀاءُ گرفتار، خبر موجب شاعر ۽ ٽڪ ٽاڪر سيد امداد شاهه پاران مٺي واسڻ زاهده مڱڻھار سان ٽڪ ٽاڪ ٺاهي وڊيو وائرل ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي وئي، جنهن بعد کپرو پوليس امداد شاهه جي ڳوٺ سندس گهر تي چڙھائي ڪئي پر هو هٿ اچي نه سگهيو، پوليس سندس ڀاءُ پرائمري استاد ممتاز شاهه کي حراست ۾ ورتو آھي، امداد شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي ٽڪ ٽاڪ کي بهانو بڻائي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن ته ٻين هنڌن تي ٽاڪ تي ڇا ڇا هلي رهيو آھي، هن چيو ته مان ڀارت ۾ ھجان ها ته چاهيندڙ پير چمين ها، هتي قدر ناهي، سنڌ واسين جي تنقيد دل آزاري ڪئي آھي، هن چيو ته پوليس چڙھائي سان منهنجي توهين ٿي آهي ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پڻ پائمال ٿيو آھي، جنهن خلاف عدالت سان رجوع ڪندس.