کپرو (ن پ ا) کپرو ويجھو ڀٽ ڀائٽي مان پيٽرول پمپ تي مزدوري ڪندڙ شاھنواز سولنگي کي گذريل رات دير سان نامعلوم ڪار سوار ھٿياربند مبينا اغوا ڪري ويا، نوجوان جي بازيابي لاءِ مغوي جي وارثن ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارن کپرو ۾ شھيد چوڪ ۽ ميرپورخاص مک روڊ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن بعد ايس ايچ او کپرو پهچي خاطري ڪرائي ته ڌرڻو ختم ڪيو ويو، وارثن کاھي ٿاڻي تي پھچي پيٽرول پمپ مالڪ شاھنوار مري جي فرياد تي ٽن ڄاتل جوابدارن شھباز مري، سڄڻ مري، منير مري ۽ ھڪ اڻڄاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جڏهن ته کاھي پوليس ڪجھه دير بعد ڊرامائي انداز ۾ مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو، پوليس موجب ڪيس داخل ڪري جوابدار سڄڻ مري جي اوطاق تي ڇاپو ھنيو ته جوابدار مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، وارثن موجب پوليس جوابدرن کي ھٿ سان فرار ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.