کپرو(ن پ ا) کپرو لڳ سانگهڙ روڊ تي لوڻ کاڻ اسٽاپ وٽان تيز رفتار گرينڊي ڪرولا ڪار سانگھڙ کان کپرو اچي رھي ھئي ته تيز رفتاري سبب ٽائرڊ برسٽ ٿيڻ ڪري ڪار وڻ سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 35 سالا نثاءُ الله بروهي فوت ٿي ويو ، جڏهن ته 15 سالا فرحان زخمي ٿي پيو، اطلاع تي کپرو پوليس زخمي ۽ فوتي جو لاش سرڪاري اسپتال کپرو آندو ويو ، جتي زخمي جو علاج ۽ لاش ضروري ڪارروائي بعد ٻنھي کي وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب فوتي جي سندس شناختي ڪارڊ مان پتو پيو ته ھُو ڪوئٽا جا آھن فوتي جي زخمي پٽ موجب خبر ناھي ڪيڏانهن وياسين پئي وڌيڪ والد کي خبر ھئي پوليس موجب ڪار مان 22 ھزار نشي آوار سوپاريون نڪتيون آهن، جن جو فوتي تي کپرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪار کي کپرو ٿاڻي تي کڻائي آيا آهيون وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.