کپرو ويجهو ناري سان اجتماعي ڏاڍائي ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار گرفتار

0
52

کپرو (ن پ ا) کپرو ويجهو ناري سان اجتماعي ڏاڍائي ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس پاران اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدار وزير علي ابڙو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. کپرو ويجھو ناري بصران کي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو ھو، ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، 2 جوابدار اڃان تائين گرفتار نھ ٿي سگھيا، مک جوابدار کي کپرو ٿاڻي تي آندو ويو.