کپرو (رپورٽ: اسد شاهه) کپرو ويجهو 5 سال اڳ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل کپرو واسي نوجوان علي حيدر رونجهو جي خون جو نبيرو، 7 پوليس آفيسر ۽ 20 اهلڪار ذميوار قرار، 85 لک ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ، تفصيل موجب 5 سال اڳ پيرونمل ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل کپرو واسي نوجوان علي حيدر رونجهو جي خون جو نبيرو پ پ ايم پي اي علي حسن هنڱورجو، سروري جماعت جي چيف خليفي نور محمد شاهه ۽ ٻين جي سرپرستي ۾ هنڱورجو هائوس کپرو تي ٿيو جنهن ۾ رونجها برادري جي عمران، گلاب رونجهو، مڻيو خان رونجهو، رحمت رونجهو، اويس رونجهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خليفي نور محمد شاهه فتوى ٻڌائيندي چيو ته علي حيدر رونجهو بابت اڳ ۾ پوليس عملدار ڏوهه قبولي آيا هئا ان لاءِ ڳالهيون نه ڪبيون، ڏنڍ رکيو ويندو، ان بعد پوليس عملدارن تي 85 لک روپيا ڏنڍ رکيو ويو، جن ۾ ساڍا 42 لک مقتول علي حيدر رونجهو جي گهرواري ۽ ساڍا 42 لک مقتول علي حيدر رونجهو جي ماءَ ۽ ڀائرن کي ڏنا ويندا، 25 جون تي عدالت ۾ ٻئي ڌريون لکي ڏينديون، واضح رهي ته علي حيدر رونجهو کي مقابلي ۾ مارجڻ بعد وارثن اڳوڻي ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديقي، ان وقت جي ايس ايچ او شريف جمالي، ايس ايچ او گلزار مري، ايس ايچ او اسحاق سنگراسي، سي آءِ اي انچارج ذوالفقار پائي، علڻ عباسي سميت ست پوليس عملدارن ۽ 20 پوليس اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو ۾ داخل ڪرائي هئي، جنهن تي الزام هيٺ آيل پوليس عملدارن هاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان اسٽي آرڊر ورتو هو، اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ بعد مقتول جي والدهه پاران وري ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، ان بعد ڌرين ۾ فيصلي لاءِ ڳالهيون هليون جنهن بعد اهو نبيرو ٿيو، علي حيدر رونجهو جو والد مبارڪ رونجهو پنهنجي پُٽ جي قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ دانهيندي وفات ڪري ويو هو، ان بعد مقتول جي والدهه ڪورٽ ۾ ساڳي درخواست کڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتي هئي پر ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.