کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کاهي ٿاڻي  حد مان خانه بدوش قبيلي جي 4 مهينن جي معصوم ننڍڙي فرزانه ڌيءَ لال محمد مري، مال ڀرسان جهوپڙي تي ستل هئي ماءُ پيءُ کي ننڊ اچڻ بعد  بستري  تان گم ٿي ويئي ڳولا ڪئي پر هو هٿ نه آئي  صبح ٿيڻ تي ٻيهر ڳولا ڪئي  ته  رت جا نشان ۽ ڪپڙا ڪجھه فاصلي تي  مليا آھن جنهن مان شڪ آھي ته کيس ڪتا ۽ يا ڪو ٻيو  جانور کڻي ويو  کاهي ٿاڻي جي حد  ديهه ايلاچي ۾  مال ڪاهي آيل  فرزانه جي وارثن لابخش مري، معشوق مري، شاهنواز مري ان ڏس  ۾ پوليس کي ٻڌايو آھي ته اسان گذريل رات 9 بجي گهر ۾  ستل هئا سين اوچتو جاڳ ٿي ته  ڇو ڪري جي ماءُ جاڳي ۽ ڏٺوسين ته هنڌ تي ننڍڙي ستل نه آھي، ماءُ دا نهون  ڪيون جنهن تي سڀئي جاڳياسين ننڍڙي جي  ڳولا ڪئي، رات هئڻ سبب پتو نه پيو  صبح ٿيڻ تي ٻيهر ڳوليو سين  ته رت جانشان اسان کي نظر آيا، رت جي نشان جي مدد اڳتي پير کنيا جتي ڪپڙا مليا آھن ، جنهن مان اندازو لڳايون ٿا ته ڪتو کڻي ويو هوندو، جڏهن ته پوليس موجب ته وارث اهو ٻڌائين ٿا ته سندن معصوم کي ڪتا کڻي ويا آھن، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، فلحال وارثن موجب ته سندن ننڍڙي ڪتا کڻي ويا آھن، هنن جو ڪوبه گهر ناهي ميدان ۾ ستل هوندا آهن، کليل ميدان آھي  ٿي سگهي ٿو معصوم ٻارڙي کي جانور کڻي ويا هجن.