کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ عالم آباد ۾ چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب ڀيل برادري جا 12 گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ رمون، قائم، دائم، وريام، ارباب، امين ڀيل ۽ ٻيا شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گھرن ۾ پيل ھنڌ، بسترا، اناج، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، ڳوٺاڻن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو باھ واري هنڌ تي نه پھتو، جنهن ڪري سمورو الهه تلهه سڙي ويو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.