کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ٻن عورتن گھرو پريشانين کان تنگ اچي ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ راڙهه ۾ نوجوان ناري شريمتي اجنا زال ڀوڄو ڪولھي گھرو پريشانين سبب ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، جڏهن ته کاھي روڊ تي ڳوٺ يونين ۾ پورھيت اعجاز خير جي گھرواري شازيا پڻ گھرو پريشانين سبب ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، آپگھات ڪندڙ ٻنھي نارين جا لاش کپرو پوليس کڻائي تعلقي اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.