کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ موٽر سائيڪل ۽ گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر، نوجوان  فوت، 2 ڄڻا زخمي، خبر موجب عمرڪوٽ روڊ تي ڍليار وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل سامهون ايندڙ گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾20 سالن جو پرڪاش ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا سنجي ڀيل ۽ نديم زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين نازڪ حالت هجڻ سبب حيدرآباد منتقل ڪيو ويو،