کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ھٿونگو ۾ 81 ونگ قاسم رينجرز جي اھلڪار 30 سالا عامر سعيد گھرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان ڪلاشنڪوف جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع ملڻ تي کپرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سرڪاري اسپتال کپرو آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش سرڪاري اسپتال ۾ پيل آھي فوتي لاش سندس اباڻي شھر پاڪ پتڙ نيو ويندو جڏھن ته پوليس ذريعن موجب ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينھن عامر سعيد جي پنھنجي ڀاءُ سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران ھو جذباتي ھو ۽ پريشان ھو گھرو اڻبڻت تان ھن خودڪشي ڪئي آھي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.