کپرو (ن پ ا) کپرو ۾ سول جج بلاول ميمڻ کپرو  ڪئنال مان نڪرندڙ سرهل شاخ جي داروغي فقير محمد راڄڙ  خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ تان 182 جي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، جڏهن ايس ڊي او شاهد ميمڻ انجنيئر علي ڏنو خلاف آبپاشي کاتي کي سندن خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ لکيو آھي، واضح رهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن ڳوٺاڻي سائين بخش بوزدار تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جيڪو ڪيس آبادگار تي ثابت نه ٿيو، جنهن تي عدالت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ تي داروغي فقير محمدراڄڙ خلاف 182 جي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ کپرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو آھي، ٻئي طرف ايس ايچ او کپرو موجب ته عدالتي حڪم تي داروغي کي نوٽس ڏنو آھي، هن پاران درست جواب نه ڏنو ويو  ته سندس خلاف 182 تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو،