کپرو(ن پ ا) کپرو ۾ سماجي تنظيم جي عورت اڳواڻ جي گرفتاري ۽ آفيس سيل ڪرڻ وراو معاملو، عدالت جي حڪم تي آفيس ڊي سيل ڪئي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار طلب، رپورٽ موجب گذريل ڏينھن کپرو جي ھڪ سماجي تنظيم جي آفيس کي اسسٽنٽ ڪمشنر نبي بخش سولنگي پاران غير قانوني ڄاڻائي سيل ڪرڻ ۽ پوليس پاران تنظيم جي عورت اڳواڻ مشال مسعود جي گرفتاري ۽ ڪورٽ جي ڇاپي بعد آزادي واري معاملي جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ بڌڻي ٿي، ان موقعي تي متاثر ڌر جي وڪيل اعجاز علي راڄڙ ڪورٽ کي ٻڌايو ته سيل ڪيل عمارت سماجي تنظيم جي آفيس نه پر عورت اڳواڻ جي رھائشگاھ آھي، جتي اسسٽنٽ ڪمشنر کپرو پوليس بنا سرچ وارنٽ ۽ بنا ليڊيز پوليس جي گھڙي سماجي اڳواڻ مشال مسعود کي گرفتار ڪيو، ان موقعي تي ايس ايچ او کپرو ڪورٽ کي ٻڌايو ته اسان اسسٽنٽ ڪمشنر جي حڪم تي ساڻس گڏجي ڪارروائي ڪئي، جنھن تي عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو، جيڪو موجود نه ھئڻ تي سندس ريڊر پيش ٿيو ۽ ڪورٽ کي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪراچي ويل آھي، بعد ۾ ڪورٽ سيل ڪيل عمارت کي ڊي سيل ڪرڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي 6 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ريڊر سيل ھٽائي عمارت مالڪن حوالي ڪئي.