کپرو(ن پ ا) کپرو جي سرڪاري اسپتال ۾ گذريل رات دير سان ڪجھه شرپسند ماڻهن ڊيوٽي ڊاڪٽر ھري رام تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، ڊيوٽي ڊاڪٽر ھري رام لوھاڻو موجب ٽراما سينٽر جي ايمرجنسي روم ۾ ڪنهن مريض جو علاج ڪري رھيو ھئس ته ڪار ۾ سوار ٻه نوجوان ۽ ھڪ عورت مريض وٺي آيا جنھن کي معمولي بخار ۽ زڪام ھيو، جنھن جو علاج ڪري ميڊيسن ڏني ۽ واپسي ايمرجنسي روم ۾ ٻيو مريض چيڪ ڪري رھيو ھئس ته شر پسندن گار گند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا، اھڙا سي سي ٽي وي ڦوٽيج پڻ منظر عام تي اچي ويا آهن، جن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٻه نوجوان ڊاڪٽر تي حملو ڪري رھيا آھن، واقعي خلاف سرڪاري اسپتال توڙي شھر جي خانگي اسپتال جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر گورڌن ڪمار، ڊاڪٽر شھريار قائمخاني، ڊاڪٽر خوشي رام، ڊاڪٽر رتن ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايمرجنسي ۽ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سرڪاري اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته روزانو ڪو نه ڪو شر پسند سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن تي حملو ۽ گار گند ڪندو رهي ٿو، ڊاڪٽرن کي اھڙي ريت هراسان ڪيو ويو ته اھڙي ماحول ۾ ڪيئن پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏئي سگهنداسين، بعد ۾ ڊاڪٽرن جو وفد کپرو ٿاڻي تي پھتو، جتي ڊاڪٽر ھري رام جي فرياد تي قربان علي شر سميت 3 اڻڄاتل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ٽن اڻڄاتل جوابدارن ۾ ھڪ عورت به شامل آهي.