مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) ٿر ۾ پ پ اڳواڻن ڊاڪٽر کٽومل ۽ مهيش ملاڻي ۾ اختلاف تيز، زمين تي قبضو، پارٽي قيادت نوٽيس ورتو، ڪاميٽي قائم خبر موجب ٿر ۾ پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا آمهون سامهون ٿي ويا آهن، ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۾ اختلافن بعد زمين تي قبضي جو معاملو سامهون اچي ويو آهي، مٺي جي ڦانگهاريو وٽ ڊاڪٽر کٽو مل جي سروي زمين تي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي مبينا قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن بعد پارٽي قيادت معاملي جو نوٽيس وٺي معاملو حل ڪرائڻ لاءِ صوبائي صلاحڪار دوست محمد راهمون ۽ قاسم سراج سومرو تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڄاڻايل ڪاميٽي جي حڪم تي ڊي سي ٿرپارڪر جي هدايت بعد اي سي مٺي ۽ اي سي ننگرپارڪر تي ٻڌل 8 رڪني روينيو جي ٽيم تڪراري زمين تي پهچي معائنو ڪري ماپ ڪرڻ بنا واپس رواني ٿي وئي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي کي رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ڊاڪٽر کٽو واري ڌر پاران روينيو ڪاميٽي جي هڪ طرفي ماپ ڪرڻ وارو اعتراض ڪرڻ تي ڊي سي روينيو عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي ٻنهي طرفن کان ماپ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ذريعن موجب ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ پاران پنهنجي سروي زمين تي قبضي بابت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر کي دانهن ڏني، جنهن تي پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر پاران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي هدايت ڪئي وئي ته معاملي تي ڪاميٽي جوڙي وڃي، جنهن تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران صوبائي صلاحڪار دوست محمد راھمون ۽ ايم پي اي قاسم سراج سومرو تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جي هدايت تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي پاران روينيو کاتي جي آفيسرن تي مشتمل ڪاميٽي ڪالهه ايڊيشنل ڪمشنر ون عمران شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي فريد حنيف، مختيار سالم سميجو، تپيدار شريف راهمون ۽ ٻين تي ٻڌل ڪاميٽي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، انجنيئر گيانچند ۽ راهول جيوڻ کي ساڻ ڪري سرزمين تي پهتي، جتي زمين جو معائنو ڪرڻ بعد زمين جي ماپ ڪرن بغير واپس رواني ٿي وئي ذريعن موجب ڪاميٽي پاران ڄاڻايو ويو ته کٽومل جيوڻ جي سروي زمين مڪان نمبر 59 جيڪا تپي کاري واھ ۾ اچي ٿي. جڏهن ته ايم اين اي مهيش ملاڻي جي زمين سروي نمبر 323 جيڪا مٺي تپي ۾ اچي ٿي، ڪاميٽي موجب ته ٻنهي سروي زمينن وچم سرڪاري زمين پيل آهي، جنهن تي مهيش ملاڻي جو قبضو آهي، ان تي ئي تڪرار آهي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو آهي ته منهنجي زرعي زمين سروي نمبر 59 ۾ جيڪا کاري واھ مڪان ۾ اچي ٿي ۽ قبضو ڪندڙ جي زمين سروي نمبر 323 مٺي مڪان ۾ اچي ٿي، مقاطعي تي ڏنل زمين منهنجي سروي زمين ۾ ڄاڻائي وئي آهي.