واهي پانڌي(ن پ ا) واهي پانڌي ويجھو کيرٿر جبل کي لڳل باھه تي ظابطو نه آيو، وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل علائقو سڙي رک ٿي ويو. انتظاميه تحرڪ نه ورتو جهنگلي جيوت جي تباهي ۽ باھ کي ڪنٽرول ۾ نه آڻڻ خلاف مقامي ماڻهن واهي پانڌي پهچي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علائقي واسين سڄڻ ملوکاڻي، غلام حيدر ملوکاڻي، علي غلام ملوکاڻي، اسحاق ملوکاڻي، عبدالستار ملوکاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آهي ڇھه ڏينهن گذري چڪا آهن، علائقو سڙي تباھه ٿي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته ڇهن ڏينهن جي اندر شاهي مڪان سراني دڦوٽ قبرستان، چڱا جبل، سمائل ٿل، ڊرامڻ، وڍ ترائي، ڦرهائي لنگهه، مدو لک، مينهون جهڏگ، اهوند، چچڙ ۽ ٻيا ڪافي علائقا باھ جي شدت سبب متاثر ٿيا آهن، سوين جانور هرڻ، گڊ، رڍ ۽ ٻڪريون سڙي ويون آهن پر انتظاميه گورک جي 35 پوائنٽ تان فوٽو سيشن ڪري معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪري احتجاج ڪندڙن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقو سڙي رک ٿي رهيو آهي، باھه وڃي بلوچستان پهتي آهي هنن ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضي شاھه کان مطالبو ڪيو ته کير ٿر پهاڙي علائقن کي لڳل باهه تي ظابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.