کير ٿر جبل جي جھنگ ۾ لڳل باهه ٽن ڏينهن بعد به وسامي نه سگھي، ناياب جھنگلي جيوت کي شديد خطرو

0
33
کير ٿر جبل جي جھنگ ۾ لڳل باهه ٽن ڏينهن بعد به وسامي نه سگھي، ناياب جھنگلي جيوت کي شديد خطرو
کير ٿر جبل جي جھنگ ۾ لڳل باهه ٽن ڏينهن بعد به وسامي نه سگھي، ناياب جھنگلي جيوت کي شديد خطرو

دادو ( رپورٽ: فتاح شيخ) جوهي ڀرسان کير ٿر جبل جي پهاڙي سلسلن ڪارو ڪوٽ شاهي مڪان وٽ جهنگ کي لڳل باھ تي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ضابطو ناهي اچي سگهيو ، جابلو سلسلن ۾ لڳل باھ وڌيڪ ايريا ۾ پکڙجي رهي آهي ، جنهن سبب هرڻ ، گڊ ۽ ٻي جهنگي جيوت کي شديد نقصان رسڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ، کيرٿر جبل جي پهاڙي سلسلن ۾ لڳل باھ جو جائزو وٺڻ لاء ڪراچي کان پهتل فائر فائيٽرز جي ٽيم ڊي سي غلام مرتضا شاھ سان گڏ ڪارو ڪوٽ پهچي جائزو ورتو آهي ، باھ تي ضابطو آڻڻ لاء فائر فائيٽرز ، اسٽنٽ ڪمشنر جوهي ، مختيارڪار ، تپيدار ۽ ريسڪيو ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي ، جابلو علائقي سبب فائر فائيٽرز جي ٽيم کي باھ واري هنڌ پهچڻ لاء ڏکائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، اتي پهچڻ لاء رستو نه آهي ، ان ڪري ٽيمون اتي پهچي نه ٿيون سگهن ، ڊي سي دادو مرتضا شاھ جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته باھ جابلو علائقن ۾ لڳل جيڪا انساني آبادي کان گهڻو پري ڪارو ڪوٽ ۾ اندر جبل ۾ پيش ، ڊرڀن کي باھ لڳي آهي ، جيڪا گهٽجي رهي آهي ، ڊي سي دادو موجب ڪالھ هو اتي پهتا ته باھ لڳل نه هئي صرف دونهو هو  جيڪو نقصانڪار ناهي، ان باوجود لڳل باھ تي ضابطو آڻڻ لاء فائر فائيٽرز ۽ ريسڪيو ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي ، ٻئي طرف مقامي ماڻهن ڊي سي دادو جي دعوي کي رد ڪندي سوشل ميڊيا تي باھ سبب سڙيل رڍن جا ڦوٽون رکيا آهن ، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گورک ۽ ڀرپاسي مان ماڻهن کي لڏ پلاڻ ڪرائڻ سبب اهي ماڻهون ڪارو ڪوٽ واري ايريا ۾ لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن ، مقامي ماڻهن موجب ڪاري ڪوٽ واري علائقي ۾ ناياب هرڻ ، گڊ ۽ ٻي جنگي جيوت آهي جنهن کي نقصان رسي سگهي ٿو

جابلو سلسلن ۾ باھ ڪيئن لڳي؟ انتظاميا ڪا به ڄاڻ ماڻي نه سگھي

دادو : کيرٿر جي ڪارو ڪوٽ شاهي مڪان وٽ جابلو سلسلن ۾ باھ ڪئين لڳي؟ ان بابت دادو انتظاميا کي ڪا به ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ، باھ سبب واهي پانڌي کان گورک ويندڙ رستي تي ۽ ڀر پاسي جي علائقي ۾ دونهي جي ڌنڌ ڇائجي وئي آهي ، ڪاري ڪوٽ ڀرسان پولش ڪمپني جي گيس فيلڊ آفيس پڻ موجود آهي ، دادو انتظاميا موجب پولش ڪمپني کان باھ 10 کان 15 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي

ڪاري ڪوٽ واري جابلو علائقي ۾ اعلي نسل جا هرڻ ۽ گڊ موجود

دادو : ڪاري ڪوٽ واري جابلو علائقي ۾ اعلي نسل جا هرڻ ۽ گڊ موجود آهن ، مختلف وقتن تي ڪاڇي جي مقامي ماڻهن پاران بااثر ۽ سگهاري شخصيتن کي هرڻن جا شڪار به ڪرايا هئا ، جن جا ڦوٽيج به مختلف وقتن تي وائرل ٿيندا رهندا