کير ٿر جبل جي جهنگ ۾ لڳل باهه بلوچستان ڏانهن وڌڻ لڳي: ناياب وڻ ٿراهرو سڙي ويا

0
37
کير ٿر جبل جي جهنگ ۾ لڳل باهه بلوچستان ڏانهن وڌڻ لڳي: ناياب وڻ ٿراهرو سڙي ويا
کير ٿر جبل جي جهنگ ۾ لڳل باهه بلوچستان ڏانهن وڌڻ لڳي: ناياب وڻ ٿراهرو سڙي ويا

دادو/جوھي/واهي پانڌي(نمائندن وٽان) کيرٿر جبل جي پھاڙي سلسلي ڪاري ڪوٽ کان شروع ٿيل باھ بلوچستان جي علائقي ڏانھن وڌي وئي آھي، باھه لڳڻ سبب جبل جا وڻ  ٿراھرو ڪھو پيش سڙي ويا. واهي پانڌي ڀرسان کير ٿر جبل جي جابلو سلسلن ڪارو ڪوٽ جي شاهي مڪان واري علائقي ۾ لڳل باھه تي ضابطو نه اچي سگهيو ، 5 هين ڏينهن به باھه جا شعلا واهي پانڌي ، قصبو سميت ڪاچي جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ نظر اچڻ لڳا آهن، فائر فائيٽر جون ٽيمون به جبل ۾ لڳل باھه تائين رسائي نه ملڻ ڪري واپس روانيون ٿي ويون آهن، ضلع انتظاميا باھه وسائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ بدران هٿ هٿ تي رکي ويهي رهي ، 5 ڏينهن کان لڳل باھه جابلو پٽي جي ايريا ۾ تيزي سان ڦهلجڻ لڳي ، مقامي ماڻهن موجب ڪاري ڪوٽ وٽ جابلو پٽي ۾ پيش، سڪل وڻن ، ٻوٽن ۽ ڊرڀن کي باھه لڳي آهي، جنهن تي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي ، ڪاري ڪوٽ واري جابلو علائقن ۾ اعليٰ نسل جي هرڻن، گڊ ۽ ٻي جنگلي جيوت خطري ۾ اچي وئي آهي، باھه سبب جابلو پٽي دونهي جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي، ڪاري ڪوٽ واري ايريا کان 10 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دادو جي وڏي ۾ وڏي گيس فيلڊ پولش پاران به باھه وسائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو، جن  وڻن کي باھه لڳڻ ۽ باھه وسائڻ جا انتظام نـ ٿيڻ سبب کيرٿر جي فطرتي سونھن سخت متاثر ٿي رھي آھي.

ڪوٽ شاهي مڪان وٽ بااثرن جا قبضا: تيل ۽ گيس رائلٽي به ملندڙ

واهي پانڌي: جبل جي پارکو ڄاڻو ماڻھن موجب تـه باھه جي واقعي جي تحقيقات ٿيڻ گھرجي، کيرٿر جي علائقي ڪاري ڪوٽ شاھي مڪان وٽ جتان باھه لڳي اتي سالن کان آباد ملکاڻي برادري جي ماڻھن کي بااثر ماڻھن  بي دخل ڪري بااثر ماڻھن قبضا ڄمائي ورتا تيل ۽ گيس جي رائيلٽي به بااثر ماڻھن حوالي ٿيل آھي، مقامي ماڻھن موجب علائقي م تيل گيس ڪمپني بـ قائم آھي، جتان ضلعي انتظاميـ کي سالياني رائلٽي بـ ملي ٿي اتي باھ لڳڻ بعد انتظاميـه  جي خاموشي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن، رابطو ڪرڻ تي  کيرٿر جي ڄاڻو نياز ملکاڻي موجب ته باھه جو واقعو اتفاقي ناھي وڌيڪ ڪجھ نـ چونداسين.

ڊي سي جي باهه وسائڻ واري دعوا ڪوڙي نڪتي: ڪاري ڪوٽ جو چڪر لڳائي واپس

دادو: ڊي سي دادو مرتضا شاھه پاران کيرٿر ۾ لڳل باھه وسامجڻ دعوا ڪوڙي نڪتي آهي، هن مهل تائين انتظاميا ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن نه فائر برگيڊ عملو پهتو آهي، جڏهن ڊي سي دادو گورک روڊ جو دورو ڪري واپس موٽي ويو ، باھه واري تائين به نه پهتو علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي فوري باھه وسائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن جئين وڌيڪ نقصان بچي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر ڪاري ڪوٽ جو چڪر ھڻي واپس ٿي ويو .