ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) کيرٿر نيشنل پارڪ کي ختم ڪري هائوسنگ اسڪيم اڏڻ واري مامري تي چيف سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ته پارڪ تي ڪو به قبضو ناهي ٿيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري لکت ۾ حلف نامو جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين ڪنهن کي الاٽ ناهي ڪئي وئي، ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو  ته سنڌ حڪومت جو  کير ٿر پارڪ بابت موقف ڇا آهي؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري وراڻيو ته سنڌ حڪومت کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين ڪنهن کي الاٽ نٿي ڪري سگهي، جنهن تي چيف جسٽس سوال اٿاريو  ته ڇا توهان مستقبل ۾ پارڪ جي زمين ڪنهن کي ڏيڻ جو ارادو ڪيو آهي؟ موٽ ۾ چيف سيڪريٽريءَ چيو ته قانون موجب پارڪ جي  زمين ڪنهن کي به  ڏئي نٿا سگهون، سنڌ حڪومت کيرٿر پارڪ جي زمين ڪنهن کي به نه ڏيندي، چيف سيڪريٽري ڪمشنر حيدرآباد جي کيرٿر پارڪ بابت رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، ڪمشنر جي رپورٽ موجب کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين مڪمل طور تي محفوظ آهي، جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.