ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي کيرٿر پارڪ ۾ موجود ناياب جابلو ٻڪر آءِ بيڪس گوٽ پليگ ( پي پي آر) بيماري سبب مرڻ لڳا، اطلاعن موجب کير ٿر پارڪ ۾ 25 هزار آءِ بيڪس آهن ، جن ۾ اها بيماري عام ٻڪرن ۽ رڍن وسيلي پکڙي، ذريعن ٻڌايو ته متاثر آءِ بيڪس جي اکين ۾سوڄ ٿئي ٿي، اهي آهستي آهستي کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏين ٿا، گذريل ڪجهه مهينن دوران ڪيترائي آءِ بيڪس مري چڪا آهن، ٻئي طرف جهنگلي جيوت کاتي جي ڪنزرويٽر جاويد مهر جو چوڻ هو ته کير ٿر پارڪ ۾ آءِ بيڪس مرڻ واري خبر افواهن تي ٻڌل آهي، هن چيو ته برساتن ۾ آءِ بيڪس جي پيداوار وڌندي ۽ سوڪهڙي ۾ گهٽبي آهي، انهي سيزن ۾ هڪ مک جي ڏنگڻ سان آءِ بيڪس ۾ پليگ جي بيماري ڦهلجندي آهي، اسان پارڪ ۾ اپاءُ وٺون پيا، خطري جي ڪا ڳالهه ناهي.