سنڌ جي ڪوهستاني سلسلي ۾ واقع کيرٿر نيشنل پارڪ، جيڪو 1974ع ۾ قائم ٿيو، پاڪستان جو ٻيو ۽ سنڌ جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 3087 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. هي پارڪ دادو، ڄامشورو، ۽ ڪراچي ضلعن جي حدن تي پکڙيل آهي. فطرت سان جُڙيل هزارين قسمن جا وڻ ٻوٽا، جانور، پکي ۽ جهنگلي جيوت هتي موجود آهي. افسوس جو هي قدرتي خزانو اڄ قبضن، غير قانوني شڪار، اداري جي نااهلي ۽ ماحولياتي تباهيءَ جو شڪار بڻيل آهي
کيرٿر نيشنل پارڪ جي سڀ کان وڏي خصوصيت هتي موجود سرھ/ جھنگلي ٻڪر (Sindh Ibex)، جيڪو سنڌ جي جهنگلي جيوت جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو. ان سان گڏ هتي ھرڻ, گڊ، سھو, گدڙ, لومڙيون، بگھڙ, ھرولو، ھاتار ۽ پکين ۾ تتر, ٻٽيرا، مختلف قسمن جا باز به عام ملن ٿا. پر گذريل ڏهاڪن دوران، انهن ناياب جانورن جي آبادي ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. ويجهڙ وارن سالن ۾، خاص ڪري سرھ Ibex ۾ وبائي بيمارين جا واقعا سامهون آيا آهن، جن ۾ اکين جي انفيڪشن، چمڙي جون بيماريون ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب سوين جانور مري چڪا آهن. ان جي باوجود، وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ طرفان ڪنهن به ويڪسينيشن يا صحت جا قدم نه کنيا ويا آهن. مقامي ماڻھن جون شڪايتون آهن ته جانورن جي بيماريءَ جي سڃاڻپ، نگراني ۽ علاج لاءِ ڪو به موثر سسٽم موجود ناهي.
کيرٿر نيشنل پارڪ جو هڪ وڏو مسئلو غير قانوني شڪار آهي، خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن ٻاهريان شوقين شڪارين جا ٽولا گهمڻ اچن ٿا. سرھ گڊ، ھرڻ ۽ ٻين جانورن جو غيرقانوني شڪار عام آهي. وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ جي نگراني نهايت ئي ناقص آهي. ڪيترن ئي چيڪ پوسٽن تي اسٽاف موجود ناھي ھوند. سرڪاري گاڏيون آفيسرن ۽ بااثر وڏيرن جي استعمال ھيٺ ڏٺيون ويون آھن. ڪافي ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻن ٿا يا تـ بااثر سياسي شخصيتن جي ذاتي بنگلن تي مقرر ٿيل آھن ۽ ڪيتريون ئي پوسٽون خالي پيل آهن يا صرف ڪاغذن تي قائم آهن.
کيرٿر جي جبلن تي فطري طور تي گگرال (Boswellia serrata)، ڪونڀٽ ۽ ٻيا جهنگلي وڻ عام آهن. مقامي ماڻهو انهن مان فائدو حاصل ڪن ٿا، پر ڪجهه سالن کان انهن وڻن کي بي دردي سان ڪٽي کونئر ڪڍڻ ۽ واپار ڪرڻ جو رجحان وڌيو آهي. گگرال وڻ مان غير سائنسي طريقي سان ڪندور ڪڍڻ ڪري وڻ مڪمل ختم ٿي چڪا آھن. وڻ جيڪي چوپائي مال توڙي جھنگلي جانورن لاءِ چارو ۽ ڇانو آهن، پر وائلڊ لائيف کاتي جي بااثر ملازمن جي آشيرواد سان انھن ناياب وڻن جي واڍي ڪئي پئي وڃي.
کيرٿر نيشنل پارڪ جي خوبصورتي ۽ ماحولياتي حسن، مقامي ۽ بين الاقوامي سياحن لاءِ دلچسپي جو مرڪز ٿي سگهي ٿو، پر سياحت جي فروغ لاءِ بنيادي سهولتون ناهن. مثال طور:
* ٿاڻي بولا خان کان ڪرچات سينٽر تائين روڊ انتهائي خراب حالت ۾ آهي.
* سري کان ڪرچات روڊ مڪمل طور تي ٽٽل ۽ ڪچو آهي، جتان سفر ڪرڻ انتھائي مشڪل آھي.
* کيرٿر جبل جي چوٽيءَ تائين وڃڻ وارو رستو بـ انتھائي خراب حالت ۾ آھي، جتي فور ويل گاڏي بـ آساني سان نٿي پھچي سگھي!
* ڪرچات گيسٽ هائوس سميت ڪابه صاف سٿري رهائش، گائيڊ، يا تحفظ جون سهولتون موجود ناهن.
اهڙي صورتحال ۾ نه صرف سياحت متاثر ٿي رهي آهي، پر مقامي معيشت به اڳتي وڌڻ کان رهجي وئي آهي.
سنڌ جي قيمتي زمينن تي قبضا هڪ وڏي تباهيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. بحريا ٽائون سميت ڪيترن ئي ريئل اسٽيٽ منصوبن پاران کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدن ۾ موجود زمين تي قبضا ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ ڪو به واضح نقشو يا رڪارڊ پبلڪ نه ڪيو ويو آهي. پارڪ جي حدبنديءَ بابت وائلڊ لائيف کاتي، ٻيلي کاتي، روينيو ۽ لوڪل انتظاميا جي وچ ۾ هم آهنگيءَ جي کوٽ سبب زمينن تي قبضا ڪندڙن کي روڪڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي تـ ان والار ۾ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن توڙي مقامي بااثر شخصيتن جو اھم ڪردار آھي. قدرتي وسيلا ۽ جهنگلي جيوت اڄ تمام وڏن خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن مان ڪجهه اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا:
- ماحولياتي تبديليءَ سبب پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، جنهن سبب جانور ناياب ٿي رهيا آهن.
- سخت گرميءَ جي لهرن ڪري ٻوٽا ۽ ننڍا جاندار نسل ناپيد ٿي رهيا آهن.
- انساني مداخلت، غيرقانوني آبادڪاري ۽ چراگاهن تي قبضن سبب جانورن جا رستا بند ٿي رهيا آهن.
- وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ وٽ نـ ته سائنسي ڊيٽا آهي نه عملو، نه ساز و سامان آھي.
تجويزون:
* وائلڊ لائيف جي نگراني لاءِ جديد ٽيڪنالاجي (ڊرون، ڪيمرا ٽريپ وغيره) جو استعمال ڪيو وڃي.
* گگرال ۽ ٻين ٻوٽن جي ڪٽائيءَ تي پابندي لڳائي، سائنسي طريقي سان گندرو ڪڍڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي تربيت ڏني وڃي.
* سياحت لاءِ روڊ، پاڻي، بجلي ۽ گائيڊ جي سهولت سان گڏ سيف زون ٺاهيا وڃن.
* بحريا ٽائون ۽ ٻين ريئل اسٽيٽ قبضا گيرن خلاف عدالتي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
* پارڪ جي حدن جي واضح نقشابندي ڪري عوامي دستاويز طور پيش ڪيو وڃي.
* جهنگلي جانورن لاءِ ويڪسين، علاج، ۽ ريگيولر هيلٿ چيڪ اپ جون سهولتون شروع ڪيون وڃن.
* وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ جي ٿرڊ پارٽي کان آڊيٽ ڪرائي وڃي. ملوث ملازمن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
* وائلڊ لائيف کاتي ۾ خالي پيل جاين تي ميرٽ تي مقامي نوجوان ڀرتي ڪيا وڃن.
کيرٿر نيشنل پارڪ رڳو سياحت جو مرڪز نه، پر سنڌ جي جھنگلي جيوت، موسمي توازن ۽ تاريخي ورثي جو اهم تحفظ گاھ آهي. جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته هي علائقو به ٻين تباه ٿيل فطري ماڳن وانگر رڳو تصويرن ۽ ڪتابن تائين محدود ٿي ويندو.