قصبو (رپورٽ: نادر مستوئي) کيرٿر جبلن مان نڪرندڙ قدرتي وهڪرن جو پاڻي نئن گاج جي ماٿرين ۽ ڪاڇي جي هزارين ايڪڙ زمين ۾ زراعت جي نظام لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي ويو. قديم زماني کان کيرٿر جبلن جي وهندڙ انهن وهڪرن ڪاڇي جي زراعت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هن منفرد اِيريگيشن سسٽم ذريعي زراعت ۾ بهتري سان گڏ هزارين خاندانن جو جياپو بڻيل انهن قدرتي وهڪرن جي پاڻي تي نئن گاج جي پيٽ اندر ماٿرين تي ويٺل ڪيترن ئي جابلو قبيلن جا خاندان پنهنجون زمينون آباد ڪندا آيا آھن هي وهڪرا وهي اچي قصبو پٽ گل محمد راڄوديرو يوسين جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي پڻ آباد ڪندا آيا آھن جنهن وهڪرن مان ٻه ڪينال پڻ هميشه لاءِ وهندا رهن ٿا جنهن تي چيٽ ڪتي ۽ موسم جو هر فصل ٿيندو رهيو آهي هنن وهڪرن تي نئن گاج جي منڍ ۾ ويٺل قبيلن جا ماڻھون قديم زماني کان آباد آھن انهن ۾ ويٺل علائقن يعني ماٿرين کي ڇٽو ڏوئي نگزاني عيسا جهٽياني ڪنڊن جي نالي سان سڏيو ويندو رهيو آھي جنهن ۾ ست ڪنڊون آھن جتي اڪثر لنڊ قوم سميت ٻين برادرين جا ماڻھون آباد آھن. آبپاشي جو اهونظام نه صرف برساتي پاڻي وسيلي هلندو آيو آهي پر مونسون برساتن سبب به ٿيندو آيو آھي نئن گاج وسيلي قدرتي چشمن جي وهي ايندڙ پاڻي تي به قديم وقت کان پوکي راهي ٿيندي رهي آهي. ياد رهي ته گاج کيرٿر پهاڙي سلسلي مان نڪرندڙ انهن وهڪرن کي بندڪرڻ ۽ زير زمين لاهڻ لاء گاج ڊيم انتظاميا وڏيون ڪوششون ڪيون. وڏي هيوي ڊرل مشينري وسيلي پاڻي بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ گاج ڊيم انتظاميه ناڪام ٿي. 2008ع کان شروع ٿيل گاج ڊيم منصوبو 17 ورهين گذرڻ باوجود هن وقت تائين مڪمل نه ٿيڻ ڪري پاڻي جا وهڪرا ساڳي نموني وهي رهيا آھن.
گاج ايريگيشن سسٽم انگريزن کان به اڳ جي دور جو
قصبو: تاريخ موجب ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ته واهن جو نظام تشڪيل ڏنو ويو جنهن کي انگريزن سنواريو ۽ سُڌاريو ۽ گاج ايريگيشن سسٽم کي ڊويزن طور هلايو. اهو سسٽم پاڪستان جُڙڻ کان پوءِ به روان رهيو گاج وسيلي چشمن جي انهي پاڻي تي ميداني علائقي ۾ واهن وسيلي آبادي ٿيندي رهي آهي پر جابلو ماٿرين ۾ گاج تي ان زراعت واري نظام کي مڏ نظام چيو وڃي ٿو اهو مَڏَ آبپاشي نظام به صدين کان وٺي اڄ تائين رائج آهي. مقامي ماڻهو جابلو علائقي ۾ گاج جي وهڪري تي مَڏُ آبپاشي نظام وسيلي چشمن وارو پاڻي لفٽ ڪري اُتي جابلو سلسلي ۾ مٿانهين واريون ننڍيُون وڏيُون ماٿريُون پڻ آڳاٽي دؤر کان آباد ڪندا آيا آهن. ماٿرين تائين پهچائڻ لاء ھنن وهڪرن مَڏَ آبپاشي نظام ۾ ڪاٺ جون ٿوڻيون ڪم اچن ٿيون انهن تي ڪاٺ جا ڏَڪَ رکي تڏا وڇايا ويندا آهن. انهن تڏن تي مٽي ۽ ڇيڻا ڀوري هاريا ويندا آهن ته جيئن پاڻي گهٽ سيمو ڪري. چشمن جي پاڻي کي گاج جي وهڪري مان مٿي آڻڻ لاءِ ذري گهٽ گاج جي منڍ وٽ بند ٻڌيو ويندو آهي. شروع وارو هنڌ مٿي هوندو آهي ۽ وهڪري وارو هنڌ هيٺ هوندو آهي جنهنڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اولھ کان گاج جو پيٽ مٿي آهي ۽ اوڀر طرف وهڪرو هيٺ ٿيندو ويندو آهي. اولھ کان مٿانهين وٽ بند اچڻ سبب اوڀر طرف پهاڙن سان سطح هيٺ هئڻ ڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح پاڻي مٿي کڻي آبادي ڪئي ويندي آهي. پاڻي مڏن وسيلي جبلن جي ڪنار سان وهندي ڏسي حيراني به ٿيندي ته مڏ آبپاشي نظام وارن ذهن جي رٿا تي رشڪ به ايندو.
|
مڏ آبپاشي نظام وسيلي ڪڻڪ ۽ ترڪاري جام ٿئي ٿي
قصبو: مڏ آبپاشي نظام وسيلي ڪڻڪ ۽ ترڪاري جام ٿيندي آهي. آبپاشي جي هن نظام وسيلي هميشه صرف چيٽ جو فصل ٿئي ٿو .