کيبر (رپورٽ: مظھر عباس ملاح) ڊسمبر تي ايڪتا ڏينھن ملھائڻ واري اعلان کي ڌرتيءَ ڌڻين طرفان ڀرپور موٽ ملي رھي آھي ثقافتي ڏينهن جي سلسلي ۾ پرائمري اسڪول عدر فقير ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ استادن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسڪول جي ھيڊ ماستر عبدالقيوم نوح پوٽو طرفان مقامي صحافين کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا منعقد تقريب کي اسڪول جي ھيڊ ماستر عبدالقيوم نوحپوٽو ، عبدالحميد نوحپوٽو ، آصف علي شاھ ، سيد ديدار علي شاھ ، عبدالجبار ملاح ، شڪيل احمد سومرو، عبدالخالق خاصخيلي ، الله بچايو کيبر ، خادم حسين سومرو ، روحل پنھور ، اظھر دين ميمڻ ، امتياز احمد نوحپوٽو ، عبدالماجد ميمڻ ۽  شاگردن ۽ شاگردياڻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخ دنيا جي قديم تاريخ آھي سنڌ صدين کان تھذيب يافته ۽ خوشحال رھي آھي جڏھن به سنڌ ڌرتي جي ۽ سنڌ واسين جي ڳالھ ڪبي ته ان لاء سنڌي ميڊيا پاڻ ملھايو آھي  ثقافتي ڏھاڙا ملھائڻ جو مقصد پنھنجي تھذيب پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتي سان محبت جو اظھار ڪرڻ آهي ھن وقت  ھر سنڌ امڙ جو درد رکندڙ جي اھا خواھش آھي ته سنڌ کي تعليم امن ۽ محبت جو مرڪز بڻايون جتي خوشيون ۽ ڀائپي سک ۽ خوشحالي ھجي تقريب ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ٽيبلوز ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو جڏھن ته استادن پاران سنڌي گيت ھو جمالو تي رقص ڪري پنھنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ هنن چيو ته سنڌو درياء سنڌ جي عوام جي بقا آھي سنڌو مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ جي  به پڻ مذمت ڪيو ٿا،