کيبر (ن پ ا) کيبر ۾ کيبر جانباز ڪرڪيٽ ڪلب پاران مرحوم فقير محمد جمن نوحپوٽو مرحوم جاويد احمد ميمڻ ۽ مرحوم دادا امير کيبر جي ياد ۾ هڪ شاندار ٽينس ٽيپ بال تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ تعلقي مٽياري جون بهترين 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، ٽورنامينٽ جو افتتاح کيبر جي سماجي اڳواڻ لالا اظهر نوحپوٽو ڪيو، پهرين ميچ پنهون وساڻ ۽ ڪاڪا اليون وچ ۾ ٿي، جنهن ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي پنهون وساڻ مقرر 8 اوورن ۾ 75 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ صدر 21رنسون ۽ نعيم 19 رنسون ٺاهيون بالنگ ۾ ابرار 22رنسون ڏيئي 2 وڪيٽون ورتيون جواب ۾ ڪاڪا اليون چئن وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتي ڪاڪا اليون  طرفان ابرار 26 رنسون ۽ساماڻو 19 رنسون ٺاهيون، ٻي ميچ وساڻ اليون ۽ ال کيبر وچ ۾ ٿي، جنهن ۾ پهرين مقرر 8 اوورن ۾ وساڻ اليون 113 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ آفتاب چئن ڇڪن جي مدد سان 40 رنسون ۽ سجاد 26 رنسون ٺاهيون جواب ۾ کيبر اليون 107 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جنهن ۾ ظهير لاشاري 25رنسون ۽ يارو 21رنسون ٺاهيون ۽ اها ميچ وساڻ اليون 6 رنسن تان کٽي ورتي، ياد رهي ته هن ٽورنامينٽ ۾ هر ٽيم جا 8 رانديگر ۽ 8 اوورن تي مشتمل ميچ آهي هن ٽورنامينٽ جا آرگنائيزر عنيق کيبر  عمير قمبراڻي ۽ ڪرو مڱڻهار جن آهن.