کيبر (ن پ ا) سنڌ ملاح فورم جي چيئرمين، اڳوڻو ڊي آءِ سائين رکيو ميراڻي، پ پ اڳواڻ جاني شاھ کيبر ۾ ڪاٺيون ڪرڻ دوران قتل ٿيل سليم ملاح جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪيو وارثن کان واقعي جا تفصيل ورتا . سائين رکيو ميراڻي ۽ پ پ اڳواڻ جاني شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول سليم جي وارثن سان سڄي سنڌ گڏ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس جي بيوسي ۽ سستي جي ڊي آءِ جي حيدرآباد توڙي ايس ايس پي مٽياري سان ڳالهائي وارثن جي مرضي مطابق ايف آءِ آر ڪٽرائينداسين.