مٽياري/ کيبر (نمائندن وٽان)  کيبراڻي ٿاڻي جي حد مريد ٻيلو ۾ ماڇي، ڀچا ۽ کوسا برادري ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل فداحسين ماڇي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ماڇي برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن زميندار نانا نويد سمون، شوڪت ماڇي ۽ نيڪ محمد ماڇي جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھ تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ٻنھي پاسن کان ھزارين گاڏيون بيھجي ويون.مظاھرين جو چوڻ ھو ته علائقي جي بااثر  ۽ ان جي ماڻھن کوسا ۽ ڀچا برادري جي ھٿياربندن گھرن تي فائرنگ ڪري فداحسين ماڇي کي قتل ڪري ڇڏيو،  اسان ڪورٽ مان بااثر خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي.مظاھرين الزام مڙھيندي چيو ته بااثر جي چرچ تي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ هٿياربندن حملو ڪري شيرخان ڪلھوڙو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو حيدرآباد اسپتال ۾ داخل آھي، ڇھن مھينن کان مريد ٻيلو نوگو ايريا بڻيل آھي، بيمار اسپتال نه ٿا وڃي سگھن، مال بکن ۾ پاھ ٿي ويو آھي.ايس ايس پي مٽياري نورالحق رند ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين کي قاتلن جي گرفتاري جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو.ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ ھو ته فداحسين ماڇي جو قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، ڪورٽ جوابدار کي گرفتاري کان روڪيو آھي.