کيبر (ن پ ا) کيبر ۾ نيشنل هاءِ وي تي اڏيل پراڻي لوهي پل حادثن جو سبب بڻجڻ لڳي آهي. ٻه هزار پنج ۾ سڄي سنڌ جيا مٽياري کيبر سعيداآباد ۾ پلن جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو هو، پر انجنيئرن جي پلاننگ نه هجڻ جي ڪري هي پلون ناڪارا بڻيل آهن جنهن جي ڪري ٻه هزار 13 ۾ هيوي مشينري گذارڻ جي ڪري کيبر جي پل کي ٽوڙي الگ ڪيو ويو جنهن جو ڪافي سامان چوري ٿي ويو پر ڪجھ سامان هجڻ جي باوجود پل کي نه جوڙيو ويو جنهن جي ڪري کيبر روڊ ڪراس ڪرڻ دوران ڪيترائي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. وڌيڪ کيبر جي شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيبر شهر جي پل ڪيتريئي وقت کان ناڪارا هجڻ جي ڪري روڊ ڪراس ڪرڻ دوران هن سال ۾ لگ ڀڳ ڏھ کان وڌيڪ جانيو ضايع ٿيو آهن پر هتا جي چونڊيل نمائيندن توڙي ضلعي انتظاميا ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي جڏهن ته ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهي تيار ٿيل پل هن وقت ڪچهري ۾ ناڪارا پيل آهي شهرين سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کان مطالبون ڪيو ته جلد کان جلد تحرڪ وٺي هن پل جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو وڃي جيئن روز جي حادثن کان ماڻهون بچي سگهن.