کيبر ( رپورٽ: مظھر عباس ملاح ) کيبر رورل هيلٿ سينٽر ۾ دوائن سميت اسٽاف جي کوٽ برقرار اسپتال ۾ رات جي وقت چوڪيدار ناهي ايڪسري مشين غيرفعال پيل آهي اسپتال اندر سائي جي ٽيسٽ سميت الٽراسائونڊ کنگ بخار ۽ زڪام جي دوا به اسپتال ۾ موجود ناهي ۽ نه ئي وري خارش لا۽ ڪو ٽيوپ وغيره موجود آهي رورل هيلٿ سينٽر کيبر ۾ ٽي سئو 300 کان مٿي او پي ڊي هئي جيڪا دوائن جي شديد کوٽ سبب گھٽجي ڏيڍ سئو 150 او پي ڊي ٿي وئي .آهي ڪيترا ئي بيمار مريض رورل ھيلٿ سينٽر مان مايوس ٿي ڳرا ڪرايا ڀاڙا ڀري پرائيويٽ اسپتالن ڏانهن رخ ڪرڻ لڳا ڊي ايڇ او مٽياري کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون پر انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو ٻي طرف کيبر رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس عبدالستار ڊکڻ ٻڌايو ته دوائن جي کوٽ بابت اسان ڊي ايڇ او مٽياري کي پڻ ليٽر لکيو آهي پر اسپتال کي دوائون فراهم نه ٿي سگهيون آهن. ايم ايس عبدالستار ڊکڻ وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي اسپتال ۾ مريض اچن ٿا پر کين دوائون صحيح نموني سان فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن ان جي وجھ اها آهي ته دوائون گهٽ ملن ٿيون پھرين او پي ڊي تقريبن ٽي سئو 300 کان وڌيڪ هئي هاڻ دوائون نه هجڻ ڪري او پي ڊي گھٽجي ڏيڍ سئو 150 ٿي وئي آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسپتال ۾ مالھي ناهي اٺن مهينن کان اسپتال لا۽ چوڪيدار ناهي اهڙيون شڪايتون اسان ڊي ايڇ او مٽياري کي لکت ۾ ڏنيون آهن جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر کيبر هن وقت جھنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي اسپتال اندر صفائي جي نالي ڪا به شيءِ نه آھي اسپتال اندر وڏا وڏا ڊڀ ۽ گند ڪچرو بيٺل آھي ۽ ديوين جا وڻ به بيٺل آھن اسپتال اندر پارڪ سميت بيٺلن وڻن جي سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري وڻ سڪي ڪرڻ لڳا آهن اسپتال اندر صفائي نه هئڻ جي برابر آھي ساڃاوندن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ سال ۾ ھڪ دفعو به صفائي نٿي ڪئي وڃي اسپتال ۾ ايندڙ مريضن لاءِ پاڻي پيئڻ جو ڪو خاص بندوبست ناهي جنهن سبب ايندڙ مريض پريشان ٿين ٿا کيبر جي رھواسين علي ڏنو ملاح ، وسيم ملاح ، تيرت ڪمار ۽ ٻين ٻڌايو ته کيبر جي سرڪاري اسپتال ۾ هر ايندڙ مهيني ۾ دوائن جي کوٽ برقرار هوندي آهي، پري پري کان ايندڙ مريض سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا هنن وڌيڪ چيو ته اسان جنھن مھل به اسپتال وڃون ٿا ته دوائون ڊاڪٽر نٿا ڏين اسپتال ۾ مليريا کان سواءِ ٻي ڪا به ٽيسٽ نٿي ڪئي وڃي اسپتال اندر ايڪسري مشين سميت عورتن جي ويم لا۽ وارڊ موجود آهن پر ايڪسري مشين خراب هجڻ ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف نه هجڻ ڪري مشين غيرفعال پيل آهي ايڪسري مشين جي وارڊ کي مليريا ٽيسٽ جي وارڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي عورتن جي ويم لا۽ وارڊ ۽ اسٽاف موجود آهي پر الٽراسائونڊ جي مشين نه هجڻ ڪري ويم نٿو ڪيو وڃي جن عورتن کي وارث مٽياري حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ ڳرا ڪرايا ڀاڙا ڀري کڻي وڃن ٿا کيبر جي اسپتال ۾ ايندڙ کنگ ، بخار ، ساھ دم ، بليڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلاءِ ٿيل مريضن کي سهولتون نه ملڻ ڪري مريض مجبورن مايوس ٿي واپس موٽي ٻين اسپتالن جو رخ ڪن ٿا اسپتال ۾ چوڪيدار ۽ پٽيوالي جي نه هئڻ ڪري سيڪيورٽي خدشا آهن . هنن صحت جي صوبائي وزير، ڊي سي مٽياري ۽ ڊي ايڇ او کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته کيبر رورل هيلٿ سينٽر کي دوائون ڏيڻ سان گڏوگڏ مالهي پٽوالو غيرفعال ايڪسري مشين اسپتال ۾ اسٽاف سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن جيئن هتان جي عوام مان بيچيني واري ڪيفيت ختم ٿي سگهي.