مٽياري/ کيبر (نمائندن وٽان) مٽياري جي کيبراڻي ٿاڻي جي حد ۾ واقع کيبراڻي ٻيلي جي زمين چونڪڙي نمبر 14 تي هلندڙ مالڪيءَ واري تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، هڪ وڌيڪ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ سليم پٽ محمد جمن عرف جمعون ملاح طور ٿي آهي وارثن لاش رکي قومي شاهراهه تي چار ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ سکر طرف ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون . ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن فريد ملاح، سجاد ملاح ۽ محمد بچل ملاح جو چوڻ هو ته سليم ملاح صبح سوير لاهه ڪڍڻ ۽ گاهه ڪرڻ لاءِ ويو ته کيس گوليون هڻي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو، وارثن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، پوليس خاطري تي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوليس وارثن کي ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ٻيهر کتو جواب ڏئي ڇڏيو، مقتول جي ڀينرن ڪيس داخل نه ٿيڻ تي ٻيهر ڌرڻو. وارثن جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن جي ونگار وهندي ڪيس داخل نه ٿي ڪري. ٻئي طرف ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ٽن هٿيار بندن کي پڪڙي کيبراڻي پوليس جي حوالي ڪيو ٻن ڄڻن جو تعلق مري ۽ هڪ جو تعلق هنڱورو برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. ياد رهي ته زميني تڪرار تان 2 ڄڻا اڳ به قتل ٿيل آهن، پوليس ۽ انتظاميا جي عدم دلچسپي سبب وڌيڪ خونريزي جو خطرو وڌي ويو آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته ٻيلي کاتي جي زمين مالڪيءَ جون دعويدار ٻه ڌريون آهن، جن ۾ تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر اعليٰ اختيارين کي به لکيو هو ته کيبراڻي پوليس قبضا گيرن خلاف ڪارروائي جا ڪيس داخل نه ٿي ڪري.