عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ۾ ٻي عالمي ڪانفرنس، کوکرا پار بارڊر کولڻ ۽ ٿر يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي عمرڪوٽ ڪئمپس جي ميزباني ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، همدرد يونيورسٽي ڪراچي ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري اداري ايف اي او جي سھڪار سان “طبي ٻوٽن ۽ چراگاهي وسيلن” بابت ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ٿر دنيا جي سترھين نمبر تي وڏو ريگستاني علائقو آھي، جيڪو سنڌ جي 33 سيڪڙو ايراضي تي ٻڌل آھي ۽ خاص طور تي طبي ٻوٽن جي پوک لاءِ موزون علائقو آھي، ھن چيو ته ٿر ۾ جر جي پاڻي جا ذخيرا موجود آھن، ان تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گھرجي ۽ جي آئي ايس ٽيڪنالوجي وسيلي ٿر جي زمين جي ڊيمارڪيشن جي ضرورت آھي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته گذريل سوا صدي کان سنڌ ۾ دريائي پاڻي ذريعي زراعت تي تحقيق ٿي آھي، ھاڻي 40 سالن لاءِ بياباني زراعت کي ھٿي ڏيڻي پوندي، ھن چيو ته جانورن جا بھتر نسل کير گوشت سميت زراعت ۾ وڌيڪ تحقيق لاءِ ٿر ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس فار ريسرچ قائم ڪيو وڃي، ھن تجويز ڏني ته ٿر ۾ سياحت ۽ ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ لاءِ کوکرا پار بارڊر کي بحال ڪيو وڃي ۽ ٿر يونيورسٽي ۽ ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري علائقي جي ترقي کي وڌيڪ اثرئتو بڻايو وڃي عمرڪوٽ ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري چيو ٿر جا ڪيترائي ٻوٽا دستاويزي شڪل ۾ محفوظ نه آهن، جنھن سبب اھي گهٽ استعمال ٿي رهيا آهن يا ختم ٿيڻ جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن، ھن چيو ته چراگاهون اسان جي لائيو اسٽاڪ انڊسٽري جو بنيادي جزو آهن، ھن تجويز ڏني ته اسان هربل ميڊيسن بزنس ۽ تحقيقاتي مرڪز قائم ڪري انهن قيمتي ٻوٽن مان تيار ٿيندڙ شين کي قومي ۽ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي سگهون ٿا، ھمدرد يونيورسٽي ڪراچي جي پروفيسر ڊاڪٽر فيصل حيدر رضوي چيو ته ھن سنڌ مان 50 طبي ٻوٽا ۽ مصالحه کڻي جپان ۾ تحقيق ڪئي، جنھن مان 25 ٻوٽن اھم ڪردار ادا ڪيو، سنڌ جا طبي ٻوٽا ڪينسر جي بڪٽيريا کي گھٽائين ٿا، نامياري محقق ۽ اديب نور احمد جنجھي چيو ته ٿر برساتن جر ۽ نھري پاڻي وارن علائقن سان سلھاڙيل چراگاھن جي مختلف زون ۾ ورھايل آھن، پر آھستي آھستي چراگاهه گھٽجي رھيا آھن، ھن چيو ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ طبي ٻوٽا حڪمت ھربل توڙي جديد ميڊيڪل سائنس ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، مون 100 کان وڌيڪ ٻوٽن تي تحقيق ڪئي آھي، انھن ٻوٽن مان ڪيتريون دوائون تيار ڪرڻ سان گڏ خوراڪ ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ايف اي او جي سنڌ آفيس جي ھيڊ جولئيس گٿيني مڪيمي چيو ته ٿر جا نوجوان پنھنجي تعليم ۽ قابليت ذريعي ٿر جي صلاحيتن ۽ پيداوار کي پوري دنيا تائين متعارف ڪرائي سگھن ٿا، ھن چيو ته ٿر ثقافت ۽ نامياتي پيداوار جو مرڪز آھي ۽ سب ڪئمپس جي شاگردن پاران سمارٽ وليج ھوٽل مينيجمينٽ سميت مختلف نمونا تعريف جوڳا آھن، زراعت شعبي کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي، تقريب کي ڪانفرنس جي سيڪريٽري عبدالحفيظ لغاري، نعيم بروھي، ياسر مري ۽ ٻين خطاب ڪيو.