کوسڪي(رپورٽ: عبدالوھاب خان) کوسڪي ڀرسان ڳوٺ کي باهه وڪوڙي وئي، هڪ سئو کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائربريگيڊ عملو نه پهتو، گهرن ۾ پيل ڪروڙين رپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، متاثر جانيون بچائي گهرن مان نڪتا. تفيصل موجب ويجهو ڳوٺ عليم درس ۾ اچانڪ باهه لڳڻ ڪري سڄي ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ ڪچا ۽ پڪا گھر سڙي ويا آهن، گهرن ۾ پيل، اناج، روڪ رقم سميت قيمتي سامان  سڙي خاڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته سوين متاثر گرمي ۽ لڪ باوجود کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثر ڳوٺاڻن جمن درس، طالب درس، نالي چڱو درس، تاج محمد درس، حسين درس ۽ ٻين متاثر ڳوٺاڻن پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن نامعلوم شرپسند شخص اسان جي ڳوٺ ڀرسان پيل پلال کي باهه ڏئي فرار ٿي ويو، جنهن سبب باهه تي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب سڄي ڳوٺ کي وڪوڙي وئي جنهن سبب سمورو ڳوٺ سڙي خاڪ ٿي ويو، هنن چيو ته  فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو پر هو 3 ڪلاڪن کانپوءِ سرزمين تي پهتو، جنهن سبب سئو کان وڌيڪ گهر سڙي ويا آهن، ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته فائر برگيڊ عملو وقت تي پهچي ها ته ايڏو نقصان نه ٿئي ها، ڳوٺاڻن چيو ته فائر برگيڊ جون گاڏيون جڏھن پھتيون ته گاڏين جا پاڻي ڀرڻ وارا جنريٽر خراب ھئا، ڳوٺاڻن ڳوٺ مان جنريٽر ۽ پيثرول کڻي گاڏين ۾ پاڻي ڀريو آهي،  پنهنجي مدد پاڻ باهه وسائڻ جي ڪوشش  ڪئي پر باهه تي ضابطو نه آيو، باهه سبب گهرن م پيل لکين رپين جو سامان به سڙي ويو، 3 ٻڪريون ۽ 2 رڍون به سڙي مري ويون آهن، گهرن ۾ پيل ڪپڙا کاڌي پيتي جو سامان به ناهي رهيو آهي، هنن متاثر وس وارن چيو ته چونڊيل نمائندا ڊي سي بدين نوٽيس وٺي اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي

انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب ڳوٺاڻن جو ڪروڙن جو نقصان ٿيو: سماجي اڳواڻ

کوسڪي: ڳوٺ عليم درس ۾ باهه واقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئل آهي سماجي اڳوڻن واقعي کي انتظامي لاپراهي قرار ڏئي ڇڏيو، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائندين جھانگير پٺاڻ. علي اڪبرڀوت، محمد حنيف، عبدالرحمان قائمخاني، ڪامريڊ محمد حسين درس ۽ ٻين چيو ته انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب ڳوٺاڻن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين تعلقي ڪائونسل ثنڊوباگو ۽ يوسي سعيد خان ڀرڳڙي ۾ڪروڙين رپين جي بجيٽ ھئڻ باوجود عوام کي ڪنهن به قسم جي سھولت ناهي ڪروڙين رپين جي بجيٽ ميونسپل ڪاميٽي ۽ يوسي چيئرمين ھڙپ ڪري وڃن ٿا جنهن ڪوبه حساب ڪتاب نٿو ٿئي باھ کي وسائڻ لاءِ موڪليل فائيبريگيڊ گاڏيون جيڪي موڪليون ويو هئين ان ۾ تيل به ڪون ھو ۽انهن جاپاڻي ڀرڻ وارا جنريٽر به خراب ھئا ڳوٺاڻن کي ٻي ته ڪاسھولت ميسر ناهي پر جڏھن ڪنھن ڳوٺ ۾ باهه لڳي ٿي ته فائيبريگيڊ جون گاڏيون به نٿيون ملن

معصوم ٻارڙا پيئڻ جي پاڻي لاءِ به تڙپندا رهيا، چونڊيل نمائندن سار نه لڌي

کوسڪي: ڳوٺ عليم درس ۾ باهه سبب ٿيل تباهي جي باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو، تڪ جو  ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٽوڙي يوسي چيئرمين ڳوٺاڻن جي سارلھڻ لاءِ نه پھتو،  صرف مختيارڪار ڪجهه دير لاءِ واقعي واري هنڌ آيو ۽ پنهنجي گاڏي ويهي متاثرن کان تفصيل وٺي واپس روانو ٿي ويو، ڳوٺاڻا بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهن، ايتري قدر جو ڳوٺاڻن وث پيئڻ جو پاڻي ۽کادي پيتي جو سامان به ناهي، ڳوٺاڻن جامعصوم ٻارڙا ۽ عورتون پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته ڳوٺ ميرزاد پٺاڻ مان ڳوٺاڻن جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي آندو ويو.

يوسي چيئرمين باهه وسائڻ بعد پهتو، موقف ڏيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج

کوسڪي: ڳوٺ عليم درس ۾ باهه واقعي بعد يوسي سعيد خان ڀرڳڙي جو چيئرمين سارنگ لطيف ڀرڳڙي پھچڻ تي ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي ڳوٺاڻن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ثائيم نيوز پاران يوسي چيئرمين جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته يوسي چيئرمين سارنگ لطيف موقف ڏيڻ کان انڪارڪري ڇڏيو، اندازي موجب ڳوٺاڻن جو ٻن کان 3 ڪروڙن  جي لڳ ڀڳ نقصان ٿيو آهي.