کوسڪي (ن پ ا) کوسڪي ۾ گذريل ھڪ ھفتي کان شھر ۾  پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ خلاف شهرين پاران شٽر بند هڙتال  ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ کوسڪي ۾ واٽر سپلاءِ جون موٽرون خراب ھئڻ سبب گذريل ھفتي کان سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي، جنھن سبب پيئڻ جي پاڻي ۽ مسجدن ۾ وضو جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي پاڻي جي عدم فراھمي جي خلاف کوسڪي جي شھرين منير ڪمبوھ. ساجد، فاروقي. ستار ٻرڙو. عمران کوسو جي اڳواڻي ۾  شھر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري بدين ٿرپارڪر روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي شھرين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽائون انتظاميا. پبلڪ ھيلٿ. ۽ چونڊيل نمائندا شھر جي مسئلن کان لاتعلق ٿي ويا آهن شھر ۾ ھڪ ھفتي کان پئيڻ جو پاڻي بند آهي پر سڀ غفلت جي ننڊ ستل آهن شھر پيئڻ ۽ مسجدن ۾ وضو جو پاڻي ناهي ھڪ ڪربلا واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي انهن ٽائون انتظاميا. پبلڪ ھيلٿ. ۽ ڊي سي بدين کان فوري طور تي نوٽيس وٺي شهر ۾  پاڻيءَ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.