ملڪاڻي شريف ( ن  پ ا)   ملڪاڻي شريف لڳ کوسڪي شاخ جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب چيٽ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي علائقي واسي پئيڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، کوسڪي شاخ جو پاڻي وڪرو ڪري خاص ماڻهن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي هٿ سان  فرهو شاخ جا گيٽ ٽوڙي مقرر 3 ڊيسيميل مان وڌائي غيرقانوني ڏھ ڊيسيميل تي  ويلڊ ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري  کوسڪي شاخ جي آبادگار عابدلنڊ احتجاج ڪندي شاخ جي دروازان ٽوڙي ٺاهڻ واري وڊيو اماڻي آهي، هن احتجاج ڪندي  ٻڌايو ته کوسڪي شاخ جنهن مان ڦرھو شاخ نڪري ٿي فرهو  شاخ جو داروغو عباس جوڻيجو،  سرويئر زبير جمالي، سب داروغو  محبوب لنڊ، ڳري رشوت وٺي شاخ جا گيٽ جيڪي اڳم ٽي ڊيسميل تي هئا، انهن کي ڏھ ڊسميل تي رکي ويلڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن  اھڙي خبر  ٽيل جي آبادگارن کي پھتي، جن پنھنجا ماڻھون موڪليا سر زمين تان داروغو عباس  جوڻيجو فرار ٿي ويو، هن آبپاشي وزير انجئير  کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ داروغن کي هٽائي پاڻي جو وڪرو بند ڪرائي پوڇڙ جي آبادگارن کي حق جو پاڻي ڏياريو وڃي،ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي آبپاشي ايس ڊي او غلام عباس عمراڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته وڊيو مان غلط ماپ ٻڌائي پئي وڃي اها ماپ ناهي قانوني ماپ تي شاخ جا گيٽ آهن، پوڇڙ تائين پاڻي پهچي پيو، اسان ڏينهن رات ڪوششون  ڪري رهيا آهيون ڪنهن کي به رعايت يا پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين.