کورواهه(ن پ ا)کورواهه جي نابين خاندان جي اکين جي نور کان محروم نياڻي 40 سالا زبيده ڌي غلام علي خاصخيلي مختلف بيمارين سان جهيڙيندي ڪالهه لاڏاڻو ڪري وئي، سندس جنازا نماز غلام شاهه قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي، ڪجهه ڏينهن اڳ نابين خاندان جي ٽن نابين نوجوانن ۽ سندن نابين ڀيڻ زبيده علاج لاءِ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز اڳيان وسوارن ۽ سرڪار کي اپيلون پڻ ڪيون هيون، پر ڪنهن به سندن سار نه لڌي ياد رهي ته هن گهر جا چار گهر ڀاتي اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي واهر ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيدا رهن ٿا.