کورواھ (رپورٽ: ابراهيم مخدوم) بدين ضلعي جي شھر کورواھ سان تعلق رکندڙ سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي نوجوان رانديگر مزمل رئوف پھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته کورواھ شهر جي رانديگرن کي گرائونڊ سميت ڪي به سھولتون نٿيون ملن. هن چيو ته گرائونڊ تي مختص زمين تي قبضي جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هن ٻڌايو ته اسان مختلف ڪلبن ذريعي ڪرڪيٽ کيڏندا رهندا آهيون پر فرسٽ ڪلاس توڙي انڊر نائنٽين ۾ موقعو نه مليو آهي.