کورواھ (ن پ ا) گولاڙچي روڊ تي واٽر ڪورس ڀرسان قائم دڪانن کي امڪاني ڊاهڻ خلاف شهرين پاران شهر جي مين چوڪ تي   احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي امير حسن پهنور علي داد مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حد دخلين جي آڙ ۾ شهر جي دڪانن کي ڊاهڻ جي سازش ٿي رهي آهي جيڪو شهرين سان ظلم آهي هنن چيو ته عدالت سڳوري کي ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ڇو جو شهر ۾ ڪافي سارن غريب ماڻهن جو پيٽ گذر انهن دڪانن تي آهي ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي درخواسگذار زميندار قربان بروهي ٻڌايو ته دڪان مهنجي واٽر ڪورس جي حد ۾ اچن ٿا ان خلاف آئون عدالت ۾ ويو آهيان مونکي پهنجو واٽر ڪورس آزاد ڪري ڏنو وڃي ياد رهي ته ڪجھه وقت اڳ اينٽي ايڪروچمنٽ ڪورٽ زميندار قربان بروهي جي درخواست تي واٽر ڪورس تان دڪان ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو.