کورواهه (ن پ ا) کورواھ جي غلام شاھ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن، ينگ اليون بجاري سوها بادشاھ اليون ۽ ينگ اليون چانڊيا ڪامياب گذريل رات ٽي ميچ ٿي گذريا، پهريون ميچ ينگ اليون بجاري ۽ مخدوم اليون وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ينگ اليون بجاري مقرر 6 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 79 رنسن جو هدف ڏنو جواب ۾ مخدوم اليون 6 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن 52 رنسون ٺاهي سگهي، بلما 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ٻيو ميچ سوها بادشاھ ۽ قلندري اليون وچ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سوها بادشاھ پهرين بيٽينگ ڪندي 1 وڪيٽ جي نقصان تي 6 اوورن ۾ 131 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ قلندري اليون 2 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن ۾ 79 رنسون ٺاهي سگهي علي رضا سوهو مين آف دي ميچ قرار  ٽي ميچ ۾ ينگ چانڊيا اليون شاهزين هنٽر کي هارائي ڇڏيو.