کورواهه (ن پ ا) گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول کورواھ جي شاگرد نديم مغل کورواهه پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته آئون اٺين ڪلاس جو شاگرد آهيان روزانو ڪلاس اٽينڊ ڪندو آهيان هاءِ اسڪول جي ڪجھه استادن شبير پهنور، سلمان ميمڻ، حضرت علي، رزاق جتوئي ۽ ٻين مون تي غلط الزام هڻي مون کي ٿڦڙون هڻي ذهني ٽارچر ڪيو ۽ موڪل بعد مون کي ٽي ڪلاڪ اسڪول آفيس ۾ ويهاري زبردستي مون کان سخت پڇاڻو ڪندا رهيا ته تون فيڪ آءِ ڊي تان استادن جي ڪردار ڪشي ڪئي آهي، مون هنن کي چيو ته مون کي اهڙي ڪابه خبر نه آهي استادن مون کان مهنجي فون کسي چيڪ ڪيو پر ان مان هنن ڪجھ نه مليو پو به ذهني ٽارچر بڻائي سچي ڪرائيندا رهيا ته سچي ڪر هي آءِ ڊي ڪنهن جي آهي، هن الزام هڻندي چيو ته اسڪول مان استادن مون کي بيدخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اسان تهنجي سرٽيفڪيٽ تي ڳاڙهيون لڪيرون پائي ڇڏينداسين ته توکي ڪٿي به داخلا ڪونه ملندي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مونسان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي استاد سلمان ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته شاگرد نديم مغل فيڪ آءِ ڊيز تي استادن جي ڪردارڪشي ڪئي جنهن جو اسان ان کي پابند بڻايو تشدد نه آهي ڪيو.