کورواھه(ن پ ا) کورواهه ۾ جسقم اڳواڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جسقم کورواھه جي صدر هارون لغاري جي مبينا گمشدگي خلاف ڪارڪنن محفوظ نوتڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي بدين مين روڊ تي کورواھه چوڪ وٺ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي روڊ بلاڪ ٿي ويو، جڏهن ته سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي هنن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته هارون لغاري ست ڏينهن اڳ گهران نڪري پهنجي دڪان تي وڃي رهيو ته رستي مان کنڀجي ويو آهي، هنن چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي کانپوءِ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن چيو ته هارون لغاري جو ڪو ڏوھه آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي سندس مائٽ سخت پريشان آهن.